اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي ج?? ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊو??زن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊو??زن جي گوادر ۾ شپ يارڊ جي ج??ڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪ??ڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجم??عي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي ج?? مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.