اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرگرم ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ملڪيتن جي ضبطگي جي بار بار ٿيندڙ ڪاررواين تي ڳڻتي آهي، ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ رياستي تحقيقاتي ايجنسي (ايس آئي اي) ڪيترن ئي ڪشميري ڪارڪنن جي غيرمنقولا ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي لا??ِ جارحاڻي انداز ۾ ڪاررو??ئي ڪئي آهي، ايس آئي اي 2021ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ کان هيستائين اهڙيون 124 ملڪيتون ضبط ڪيون آهن. هن چيو ته اسان سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ۽ حريت تحريڪ جي اڳواڻ اياز اڪبر جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڀارت جي تازي قدم جي مذمت ڪريون ٿا، اياز اڪبر فرضي الزامن ۾ 2017ع کان جيل ?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت کي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن کي انهن جي جائز ملڪيتن کان بيدخل ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، ڪشميري پنهنجي سرزمين جا حقيقي وارث آهن، اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته غيرڪشميرين کي تڪراري علائقي ۾ زمين ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي جڏهن ته ڪشميرين جي ملڪيتن کي ضبط ۽ تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي دوري دوران ٻئي ڌريون توانائي، ثقافت، بئنڪاري، تعليم، دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف ??عب?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کانسواءِ ٻئي ملڪ ثقافتي تعاون جي هڪ پروگرام ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي فارن سروس اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ايران ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻارهون دور 17 ۽ 18 جون تي تهران ۾ ٿيندو. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته ايران جو سياسي معاملن وارو نائب پرڏيهي وزير علي باقري ڪني ايراني وفد جي قيدت ڪندو. اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، سرحدي سلامتي، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ ثقافت جي ??عب?? جو احاطو ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون علائق??ئي صورتحال خاص طور تي افغانستان، ڪشمير، ايران سعودي عرب سفارتي لاڳاپن جي بحالي ۽ علائق??ئي امن ۽ استحڪام تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي سمورن ??عب?? ۾ جاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ اداراجاتي فريم ورڪ تي اڳڀر??ئي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون. تهران ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز کي خطاب ڪندو. هو اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاڪستان ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو. ان فورم جو آخري اجلاس آڪٽوبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان – بيلجيئم ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم پاڪستان جي قيادت ڪندو جڏهن ته بيلجيئم جي وفد جي قيادت ڊائريڪٽر جنرل، ٻطرفن معاملن، پرڏيهي وزارت، بيلجيئم سفير ڪور مين ڪندو. ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ بيلجيئم لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ ايندڙ سال جي لا??ِ ٻطرفي مصروفيتن ۽ تعاون جي ايجنڊا طئي ڪنديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٻيلجيئم عالمي فورمز بشمول گڏيل قومن ۾ تعاون ۽ اهم علائق??ئي ۽ عالمي اڳڀر??ئي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه آهي. هن چيو ته پاڪستان بيلجيئم سان واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي تعاون، سياحت ۽ مزدورن جي چرپر جي ??عب?? ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لا??ِ پرعزم آهي.