اسلام آباد_ 09 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي سندس 56 هين يوم وفات تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح قوم لاءِ ماءُ ??و درجو رکي ٿي، قوم تي سندس ??حسان آهن. وزيراعظم چيو آهي ته محترمه فاطمه جناح باباءِ قوم لاءِ همٿ ۽ حوصلي جو ذريعو هئي، هن آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو ، عوام جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون، محترمه فاطمه جناح اڄ به عورتن ۽ نياڻين لاءِ مشعل راه آهي، هن چيو ته قوم مادر ملت کي پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ قوم سندس ??حسانن کي هميشه ياد رکندي.وزيراعظم قوم کي مادر ملت جي بلند درجات لاءِ دعا کي اپيل ڪئي.