پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير، اعظم خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي نوج??ان?? جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چ??ئرمين ڊاڪٽر مختار احمد به موجود هو. اها يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوج??ان?? کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪن??ي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گ??ريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو.