اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ملڪ نگران وفاقي و??ير جي حيثيت سان حلف کنيو، صدر ڊاڪ??ر عارف علوي کانئس حلف ورتو. ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ملڪ جي ب??ور نگران وفاقي و??ير حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ اعليٰ آفيسرن ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ملڪ کي 9 سيپٽمبر تي نگران وفاقي ڪابينا ۾ وفاقي و??ير مقرر ڪيو هو. صدر ائين جي آرٽيڪل 224 (ون اي) تحت نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي سندس مقرري ڪئي آهي.