گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت ب??تس??ان جي معاشي بحالي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گلگت ب??تس??ان جي گهڻن مسئلن جو حل علا??قي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت ب??تس??ان ڪابينا جي اجل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل ??گر??ن وفاقي وزير، گلگت ب??تس??ان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت ب??تس??ان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت ب??تس??ان جي قيادت ??گر??ن وزيراعظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت ب??تس??ان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. ??گر??ن وزيراعظم گلگت ب??تس??ان کي وفاق پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ??گر??ن وزيراعظم گلگت ب??تس??ان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. ??گر??ن وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگت ب??تس??ان ڪابينا جي وزيرن ??گر??ن وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. ??گر??ن وزيراعظم عملدارن کي گلگت ب??تس??ان جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته گلگت ب??تس??ان جي گهڻن مسئلن جو حل علا??قي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت ب??تس??ان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورت??ال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.