اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير جي سنڌ واپس وٺڻ جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس تي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ جاري بيان ۾ چيو ته اسان ??کنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ اتر پرديش جي وڏي وزير، ڀارتي حڪمران ??ارٽي جي اهم ميمبر ۽ متعصب ” هندوتوا“ نظريي جي پيروڪار جي انتهائي غ??رذ??يواراڻي ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ ??ذم?? ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اها ڳالهه به ايتري ئي ??ذم?? جوڳي آهي ته ”رام جنم ڀومي“ جي نام نهاد بحالي کي وڏي وزير ان خطي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي سانچي جي طور تي پيش ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جو حصو آهي. ترجمان چيو ته تاريخ گواهه آهي ته هندو جنونين جي هجوم 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ نڪ جي ڏاڍائي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هن رام جي ڄم پيدائش کي واپس وٺڻ جي لاءِ ائين ڪيو. ترجمان چيو ته اتر پرديش جي وڏي وزير جا اشتعال انگيز ريمارڪس واضح طور تي ”اکنڊ ڀارت“ ( بنا ورڇ هندستان) جي اجائي دعويٰ کان ??تاثر آهن. هن چيو ته اهي ريمارڪس هڪ نظرثاني ۽ توسيع پس??دا??ي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو نه رڳو ڀارت جي پاڙيسري ملڪن پر ان جي پنهنجي مذهبي اقليتن جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي پڻ مٽائڻ چاهي ٿو ۽ اهو ته هو تاريخ جو هڪ ا??ٽو نظريو به ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي تفرقه انگيز ۽ متعصباڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي خيالن کي تيزي سان ??روغ ڏئي رهيا آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي اڳواڻ کي ڏاڍ پس??دا??ي ۽ توسيع پس??دا??ي ارادن کي هٿي وٺرائڻ چڙهائڻ بدران ??اڙيسري ملڪن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.