تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ از??ڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف از??ڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جل?? مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه از??ڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگر??ن وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي از??ڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگر??ن وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي کي جل?? کان جل?? حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي ع??م کي ورجايو. هنن از??ڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جل?? مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.