اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سان بلغاريه ۾ پاڪس??ان جي نامزد سفير مدثر چوڌري ملاقات ڪئي. صدر جو پاڪس??ان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ سياسي ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پاڪس??ان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪس??ان بلغاريه سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪس??ان بلغاريه سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته نئون نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي چيمبرز ۽ ڪامرس جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ تي ڪم ڪندو. صدر فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا سان تعليمي شعبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻ??ئڻ، پاڪس??ان ۽ بلغاريه جي يونيورسٽين جي وچ ۾ حصيداري جي عمل کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ع??رف علوي مدثر چوڌري کي بلغاريه ۾ پاڪس??ان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.