اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان م??عقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان ت??لق رکندڙن کي بر??بر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول آفيسرن جي مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوالي سان ??ائ??ه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس کي تازو ئي منعقد ٿيندڙ مقابلي جي خصوصي امتحان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان امتحان ۾ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان سان آهي، ان امتحان ۾ بلوچستان ڪوٽا جُون اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون شامل آهن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين جي لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان ت??لق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ جي لاءِ اهڙا امتحان باقاعدگي سان م??عقد ڪيا وڃن، اقليتن جي مقابلي جي امتحان ۾ شموليت جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ آگاهي مهم پڻ هلائي وڃي، بلوچستان سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙي ??ڃي ۽ سول آفيسرن جي روٽيشن پاليسي کي ان جي حقيقي روح موجب بحال ڪيو وڃي ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان ت??لق رکندڙن کي بر??بر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي هر شهري کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.