اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي م??ڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس ??ي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گ??يل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگران و??يراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گ??يل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگران و??يراعظم گ??يل عرب امارات کي ان اهم عالمي م??سمياتي تبديلي ڪانفرنس جي م??زباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران و??يراعظم ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگران و??يراعظم اسلامي م??ڪن تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.