اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيه?? وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه ??يا??تي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيه?? وزارت پاران وضاحت ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين ??ي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيه?? وزير جليل عباسي جيلاني چيو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيه?? وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ ??يا??تي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳالهه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه ??يا??تي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرار??اد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جاري ٿيو ته اسان کي به هڪ وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.