اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ج??ري آگاهي مهم کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان بيم??ري جي شروعاتي مرحلي (ٽئين ۽ چوٿين مرحلي) تي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرڪيٽ مئچ کانپوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي خوشي ٿئي ٿي جڏهن آئون طبي امداد جي لاءِ پهرين ۽ ٻئي مرحلي جي مريضن ۾ ساراهه جوڳو اضافو ڏسان ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ ناڪافي ميموگرافڪ سهولتن جي ڪري موت جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري 44 هزار موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آ??ي جنهن جي لاءِ بيم??ري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن صحتمند سرگرمين جي ذريعي بريسٽ ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول ذهني صحت ۽ تندرستي بابت آگاهي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي حقن جي وڪالت ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اه?? معاشري جو نتيجاخيز حصو بڻجي سگهن. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر، معذور ماڻهن جي حقن ۽ دماغي صحت جي موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اسان کي نه رڳو حڪومت پر پور?? معاشري جي تعاون جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عو??تن جون جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته هر عمر جي عو??تن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ٿي رهي آهي. هن عو??تن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽن جو معمول سکن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 ٻين عو??تن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. بيگم ثمينه علوي چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن معذور ماڻهن ک?? معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. بيگم ثمينه علوي ميڊيا جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. خاتون اول مارگلا ٽينس ڪلب پاران بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ اهڙي صحتمند سرگرمي منعقد ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته اهڙي طرح جون سرگرميون مستقبل ۾ پڻ ج??ري رکيون وڃن. هن ايونٽ جي منتظمين ۽ ميڊيا ٽيمن ۽ مرد ۽ عو??تن ٻنهي ٽيمن جي ڪرڪيٽ رانديگرن ۾ ايوارڊز/ شيلڊز پڻ ورهايون.