ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو، بلوچستان جو اصل سرمايو ان جا ماڻهو ۽ اتان جي تهذيب آهي، هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ بلوچستان روشن روايتن جو امين آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن جي هزارگي زبان جي افتتاحي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چي?? ته هزارگي زبان ۾ پي ٽي وي نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن خطي ۾ پشتو، بلوچي، هزارگي ۽ فارسي زبانُون موجود آهن. بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ هڪ ٻي زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ ميڊيا صنعت کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هزاره برادري سان اسان جون محبتون پراڻيون آهن، بلوچستان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي هڪ سڃاڻپ آهي. هن چي?? ته هزاره برادري ۾ هڪ وڏو انگ دهشتگردي جو شڪ??ر ٿيندڙ شهيدن جو آهي، دهشتگردن بلوچستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي، دهشتگردي جو مقابلو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، بلوچستان جو اصل سرمايو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بلوچستان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي هڪ جهڙا حق ميسر آهن. هن چي?? ته پاڪستان ثقافتي سڃاڻپن جو گلدستو آهي جيڪو هڪ ٻئي کي مضبوطي سان پڪڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. ٻين صوبن وانگر بلوچستان به نسلن ۽ قبيلن جو هڪ ڀرپور نمونو آهي، جتي انهن جي ثقافت ۽ قدر بلوچستان روايتن سان ڳنڍيل آهي. هن بلوچستان جي هزاره برادري کي ساراهيندي چي?? ته ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ترقي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي. هزاره برادري جي نمايان شخصيتن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو گورنر جنرل (ر) محمد موسيٰ، سردار سادات ۽ برگيڊيئر خادم حسين شامل آهن جن پنهنجي ديانتداري سبب عزت حاصل ڪئي. هن دهشتگردي جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ تي هزاره برادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چي?? ته دهشتگردي سان ملڪ جا سمورا طبقا متاثر ٿيا. هن ان ع??م جو اظهار ڪي?? ته اتحاد سان قوم انهن عنصرن کي شڪ??ت ڏئي سگهي ٿي، جيڪي برادرين ۾ نفرت ۽ فرق پيدا ڪن ٿا. نگران وزيراعظم بلوچستان ۽ پاڪستان کي امن جو گهوارو ٺاهڻ جي ع??م جو اظهار ڪندي چي?? ته امن سان فنون لطيفه کي فروغ ملندو آهي. نگران وزيراعظم هزاره برادري کي انهن جي علائقائي زبان ۾ پي ٽي وي جي پروگرام جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪي?? ته باصلاحيت ڪميونٽي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري پنهنجي خوبصورت ثقافت کي اجاگر ڪندي. هن چي?? ته پي ٽي وي هڪ تاريخي اثاثو آهي جنهن پنهنجي شاندار پروگرامن ذريعي قوم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي. هن اداري جي ترقي لاءِ حڪومت پاران تعاون جاري رکڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان جي نئين لوگو جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ خطاب ڪيو. هزارگي جي شاعر قادر نيل هزارگي زبان جي پروگرام جي تاريخي شروعات تي نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چي?? ته ان علائقائي پروگرام جي گلدستي ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. گلوڪاره زيبا نوري هزارگي لوڪ گيت ڳايو ۽ روايتي بلوچي لباس پهريل ٻارن هزارگي گانن جي ڌُنن تي رقص پيش ڪيو.