اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري ??رطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري ??هي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳا??هائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري ??رطرفين جي حوالي سان پيمرا چيئر??ين سان پڻ ڳا??هه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سان پڻ ڳا??هه ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون تحت جيڪي به قد?? ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهن، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري ??هي. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران صحافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري ??رطرفين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.