اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسرت عالم بٽ جي قيادت ۾ مسلم ل??گ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنج سالن جي لاءِ پابندي هڻڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ??ئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ڀارت پاران عالمي اصولن جي توهين آهي. ممتاز زهره بلوچ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين ۽ ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون لڳائي رکيون آهن. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ايندڙ سال ڀارت سان لاڳاپن جي بحالي جا ڪي امڪان آهن، ترجمان چيو ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ڀارت سان ڳالهه ٻولهه رڳو برابري، احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ترجيحي مسئلي طور تي بحث هيٺ آڻڻ جي بنياد تي ٿي سگهي ٿي. نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ جي سي سي جلد هڪ آزاد واپاري معاهدو ڪندا جيڪو جي سي سي پاران ڪنهن به ملڪ سان اهڙي قسم جو پهريون معاهدو هوندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جلد معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ دعويٰ ??ئي وئي آهي ته ڀارت پ??ڪس??ان کان لشڪر طيبه جي باني حافظ سعيد کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اها قياص آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??ڪس??ان ۾ ڪجهه غيرملڪي مشنز پاران بلوچ مظاهرين جي حوالي سان تبصرن کي مداخلت قرار ڏنو ۽ ان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ پنهنجي اندروني معاملن کي سنڀالڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان جو آئين پنهنجي شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اهڙن معاملن کي اندروني طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ قانون موجود آهن. ترجمان جو اهو بيان ناروي جي سفارتخاني ۽ پ??ڪس??ان ۾ يورپي يونين جي سفير جي تازي ٽوئيٽس تي هڪ سوال جي جواب ۾ آيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين سان مبينا اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان ۾ غيرملڪي سفارتخانن جي مداخلت افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان پنهنجي عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جون عدالتون خودمختيار آهن ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ان حوالي سان فيصلا ڪري چڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ عالمي سطح تي پ??ڪس??ان جي ڪاميابين ۽ سفارتڪاري جي شعبي ۾ پرڏيهي وزارت پاران ??ئي ويندڙ ڪوششن جو ساليانو جائزو پڻ پيش ڪيو.