ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ت??قي جي لاءِ هڪ جهڙن ??وق??ن جي فراهمي ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ت??قي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيڻ سان تڪرار وڌندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فور?? جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامس“ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيرا??ظم چيو ته پائيدار ت??قي جي لاءِ هڪ جهڙن ??وق??ن جي فراهمي ضروري آهي، ڊيجيٽل اڪانومي ايندڙ دور ۾ اهميت رکندڙ هوندي، منهنجي راءِ ۾ جيڪو معاملو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها معاشي چٽاڀيٽي نه پر اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي آهي، اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي معاشي چٽاڀيٽي تي حاوي ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايندڙ ت??قي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ضروري آهي، وقت سان گڏ مسئلن جو حل ضروري آهي. هن چيو ته تيز رفتار ت??قي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻو پوندو، سڀني جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي برابر حاصل ڪرڻ يقيني هجڻ گهرجي، ان سان صحت جي خدمتن کان وٺي سماجي شعبي تائين اثر پون ٿا، ٽيڪنالاجي جي صورت ۾ جڏهن اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي وڌي ٿي ته ان سان ت??قي يافته 21 هين صديءَ ۾ سائنس جي ت??قي مان وڌيڪ فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيندي ته ان سان تڪرار وڌيڪ وڌندا، ان معاملي کي غور هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ سان معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.