اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته آئين تحت انصاف جي فوجداري نظام ۾ وڌيڪ سڌارن جي لاءِ قانونسازي جو اختيار رڳو پارليامينٽ جو آه??. نجي ٽي وي چينل ايڪ نيوز جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده انصاف جي فوجداري نظام تحت سزائن جي شرح انتهائي گهٽ آه?? جيڪا خامين کي ظاهر ڪري ٿي ۽ موثر قانونسازي جي ذريعي خامين کي ختم ??رڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. بلوچستان ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نان اسٽيٽ ايڪٽرز کي تشدد جو حق نه آه?? ۽ رياست جي اها ذميواري آه?? ته اها اهڙن دهشتگرد عنصرن جو خاتمو ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ 90 هزار ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا. اها سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽرينز جي ذميواري آه?? ته اهي فوجداري نظام انصاف کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. هو ان معاملي کي اٿاريندو رهيو آه??. هن چيو ته بلوچستان ۾ پشتون، بلوچ ۽ مختلف آبادڪار ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهائش پذير آه??. ڪنهن سياسي پارٽي جو اهڙو گروپ نه آه?? جڏهن ته هڪ اقليتي هٿياربند گروپ پرتشدد سرگرمين ۾ ملوث آه??. آمريڪا، برطانيا، يورپي يونين ۽ سمورن ٻين جمهروي ملڪن اهڙن گروپن کي دهشتگرد قرار ڏنو آه??. نگران وزيراعظم چيو ته منهن??ي ويجهو ڪالعدم ٽي ٽي پي، احرار ۽ بي ايل اي يا بي ايل ايف ??ي وچ ۾ ڪو فرق نه آه??. اهي دهشتگرد گروپ تشدد کي دهشت ڦهلائڻ ۽ معصوم ماڻهن جي قتل جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. انهن جي دهشتگرد حملن ۾ 2018ع کان هيستائين صوبي ۾ 1038 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آه??. ڪوسٽل هائي وي ۽ تربت پوليس اسٽيشن تي حملن ۾ معصوم ماڻهو ماريا ويا ۽ زندهه ساڙيا. ٻئي طرف سياسي احتجاج ۽ سوچ کي دنيا ميڊيا ۽ اهل دانش پاران ساراهيو وڃي ٿو. دنيا آءِ ايس آءِ ايس کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته وچ ??وڀ?? هڪ مُشڪل چئلينج آه??. پاڪستان دنيا جي مختلف فورمز تي عالمي برادري کي اهو ٻڌائي چڪو آه?? ته غزه جي صورتحال ۾ تسلسل ناقابل قبول آه??. فوري سيزفائر سان گڏوگڏ متاثرين جي لاءِ انساني امدادي لنگهه کولڻ ضروري آه??. اهو مسلمان ملڪن سان گڏ پاڪستان جو گڏيل موقف آه??. هن چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم، عرب ليگ ۽ سموري دنيا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ٻه رياستي حل جنهن ۾ القدس الشريف جي گادي واري شهر سان گڏ آزاد فلسطين هجي، جي ڳالهه ڪري ٿي، اهو ئي مسلمان دنيا جو به متفقه موقف آه??. هن مختلف عنصرن پاران انهن تي تنقيد تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين تي پنهنجي اصولي موقف تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو.