اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو، چونڊيل حڪوم?? جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا، نشريا?? جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ ا??ان سڀني جي ذميواري آهي، پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي، ن??وز ليٽر جاري ڪرڻ تي پي ٽي وي جي ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ن??وز ليٽر جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ نشرياتي اداري پاران ن??وز ليٽر جاري ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته مون صحاف?? جي شروعات پرنٽ رپورٽنگ سان ڪئي هئي، دي ن??وز اخبار جي لانچنگ ٽيم جو حصو هئس جنهن جي پهرين اخبار 11 فيبروري 1991ع تي شايع ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نشريا?? جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ ا??ان سڀني جي ذميواري آهي. جهڙي طريقي سان اسان ڊيجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان جا چئلينجز به ايترا ئي وڏا آهن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪلوننگ جهڙا وڏا چئلينجز موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي وي کي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڊيجيٽل پراڊڪٽس جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن غيرجانبدار قومي نشرياتي اداري طور تي ڪم ڪيو، پي ٽي وي ڪنهن خاص پارٽي، ڪنهن خاص سياسي نظريي ۽ ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ڪا مهم نه هلائي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چونڊن ۾ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي، ان فيصلي جي تڪميل جي لاءِ جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جيئن ئي سرڪاري نتيجا جاري ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته چونڊيل حڪوم?? جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جو بنيادي مقصد تبديل نه ٿيندو، پي ٽي وي عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي ٿي، پي ٽي وي عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي آهي، پي ٽي وي کي پنهنجو اهو م??ن جاري رکڻو آهي. هن چيو ته نگران حڪوم?? جي دور ۾ ملتان ٽيليويزن سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات شروع ٿي، بلوچستان ۾ پي ٽي وي بولان تي بلوچي ۽ براهوي زبانن سان گڏوگڏ هزارگي زبان ۾ پڻ پروگرام شروع ڪرايا. هن چيو ته پي ٽي وي جتي رياس?? جي ترجمان آهي اتي عوام ۽ عوامي مفاد جي پڻ ترجمان آهي، اداري جو سٺو م??تقبل سٺي ڪارڪردگي سان واڳيل آهي، بهتر ڪارڪردگي، بهترين ٽي وي اسڪرين، بهترين پروگرام ئي عوام جي اعتماد جو سبب بڻجندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ن??وز ليٽر جاري ڪرڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري، ايم ڊي پي ٽي وي، پي ٽي وي انتظاميا ۽ ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.