اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ اڄ خميس تي ٿيندي، 12 ڪروڙ 79 لک 21 هزار 49 رجسٽرڊ ووٽرز 17 هزار 758 اميدوارن ما?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن ۾ پنهنجي نمائ??دن جي چونڊ ڪندا، قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽن تڪن سميت 4 تڪن جي اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو. سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ ا??ٽيشنز ۽ 2 لک 66 هزار 389 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، هر تڪ جو غير حتمي غير سرڪاري نتيجو رٽرننگ آَفيسر جي آفيسن مان جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن موجب پولنگ صبح جو 8 وڳي کان بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. اسلام آباد ما?? قومي اسيمبلي جون 3 سيٽن آهن جن تي 10 لک 83 هزار 29 ووٽرز پنهنجي نمائ??دن جي چونڊ ڪندا. پنجاب ما?? قومي اسيمبلي جي 141 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 296 سيٽن تي پنهنجي نمائ??دن جي چونڊ لاءِ 7 ڪروڙ 32 لک 7 هزار 896 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن??ا. ??نڌ ما?? قومي اسيمبلي جي 61 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 130 سيٽن تي پنهنجي نمائ??دن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 769 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن??ا. ??يبرپختونخوا ما?? قومي اسيمبلي جي 44 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 113 سيٽن تي پنهنجي نمائ??دن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 12 لک 63 هزار 408 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. قومي اسيمبلي جي 265 سيٽن تي 5 هزار 113 اميدوار ميدان ۾ آهن جن ۾ 312 عورت اميدوار به شامل آهن. چئني صوبائي اسيمبلين ۾ آمهون سامهون اميدوارن جو ڪل تعداد 12 هزار 645 آهي جن مان 570 عورت اميدوار شامل آهن، بلوچستان ما?? قومي اسيمبلي جي 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 51 سيٽن تي پنهنجي نمائ??دن جي چونڊ لاءِ 53 لک 71 هزار 947 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 باجوڙ، پي ??ي 22 باجوڙ، پي ??ي 91 ڪوهاٽ ۽ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 266 رحيم يار خان ۾ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ ا??ٽيشنون انتهائي حساس، 29 هزار 985 حساس جڏهن ته 44 هزار 26 پولنگ ا??ٽيشنون نارمل قرار ڏنيون ويون آهن. پنجاب ۾ 5 هزار 624 پولنگ ا??ٽيشنون حساس ترين جڏهن ته في پولنگ ا??ٽيشن 5 اهلڪار مقرر ڪيا وين??ا. ??نڌ ۾ 4 هزار 430 پولنگ ا??ٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن جتي في پولنگ ا??ٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر ڪيا وين??ا. ??هڙيءَ طرح ڪي پي ??ي ۾ 4665 حساس ترين پولنگ ا??ٽيشنن تي 9 اهلڪار في پولنگ تي مقرر ڪيا وين??ا. ??لوچستان ۾ 1047 انتهائي حساس پولنگ ا??ٽيسنن مان هر پولنگ ا??ٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر ڪيا وين??ا. ??ليڪشن ڪميشن طرفان اڄ خميس تي اليڪشن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق مطابق پهرئين درجي ۾ سيڪيورٽيءَ جي ذميواري پوليس، جڏهن ته ٻئي درجي ۾ سول آرمڊ فورسز ۽ ٽئين درجي جي ذميواري پاڪ آرمي جي هوندي. ميڊيا طرفان پولنگ ا??ٽيشنن جا نتيجا پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد جاري ڪيا ويندا. ووٽ اصل قومي شناختي ڪارڊ تي ئي وِجهي سگهبو جڏهن ته مُدي خارج ٿيل شناختي ڪارڊ به قابل قبول هوندو. اليڪشن ڪميشن طرفان هن سال عام چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن جن جي فراهميءَ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. عام چونڊن جي نتيجي جي فراهمي لاءِ اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم ”اي ايم ايس“ استعمال ڪيو ويندو. پولنگ ا??ٽيشن پُرامن ۽ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن کي پهرين درجي جي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن. حساس ترين پولنگ ا??ٽيشنن ٻاهران پاڪ فوج مقرر هوندي. چونڊ سامان جي پولنگ ا??ٽيشن تائين فراهمي، ڳڻپ ۽ ان جي آر اوز جي آفيس تائين واپسيءَ لاءِ سيڪيورٽيءَ جي ذميواري پاڪ فوج جي هوندي. لاڳاپيل مبصرن ۽ ميڊيا کي پولنگ ا??ٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. سڄي ملڪ ۾ 144 ڊي آر او، 859 رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي. ڪل هڪ لک 91526 پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ 7 لک 85060 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرر ڪئي وئي آهي. 5 هزار ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم (اي ايم ايس) ذريعي نتيجن جي جوڙجڪ ۽ فراهميءَ لاءِ آر اوز سان ڳنڍيو ويو آهي.