اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) 19 رڪني نئين و??اقي ڪا??ينا حلف کڻي ورتو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري نئين و??اقي ڪا??ينا جي ميمبرن کان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف ورتو. وفاقي ڪا??ينا جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف، هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن سميت اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفار??ڪا??ن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪا??ينا ۾ 19 وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي. جن ۾ خواجه ??حم?? آصف، ??حم?? اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، سيد محسن نقوي، شيزه فاطمه خواجه، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ، رياض پيرزاده، احد چيما، اويس لغاري، چوڌري سالڪ حسين ۽ ??حم?? اورنگزيب شامل آهن.