اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪ??مت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن سان نه رڳو صارف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا ف??اه?? ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان ال??رشد جي سرب??اه?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان کي مالي امداد ف??اه?? ڪرڻ جي لا??ِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي سا??اه??و. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار ا??تقبال ۽ مهمان نوازي سان گڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪ??مت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور ا??ٽيشنز جي تعمير جي لا??ِ سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪ??مت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحن کي پڻ سا??اه??و، ان سان نه رڳو صاف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا ف??اه?? ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سي اي او سعودي فنڊ وزيراعظم سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي تعاون کي سا??اه??ندي سعودي فنڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ڊي گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي عرب شاهي خاندان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون ف??اه?? ڪندو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.