اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ سلامتي ??ي لاءِ اسان جي گڏيل هدفن کي ڪمزور ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو، غيرانساني حملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ گڏيل قدرن تي ??ملو آهي، اهو وا??عو پاڪ چين دوستي ??ي دشمنن پاران ترتيب ڏنو ويو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو. چيني سفير جيانگ زائيڊونگ سفارتخاني اچڻ تي ??در آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو. صدر جو بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظه??ر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني قوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام چيني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته دشمن اهو قبول نه ٿا ڪري سگهن ته پاڪ چين ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، بي رحماڻي فعل ۾ ملوث ڏوهارين کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. چيني سفير تعزيت جي لاءِ ذاتي ??ور تي ??فارتخاني جو دورو ڪرڻ تي ??در جا ٿورا مڃيا. چيني سفير دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون وڌائڻ، پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ تي پڪڙڻ جي ضرورت آهي. چيني سفير جو پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سي پيڪ سميت ٻين منصوبن جي لاءِ حمايت جاري رکڻ جي چيني عزم جو و??جاءُ ڪيو. هن چيو ت?? زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته چيني ڪارڪنن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.