اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن وزيراعظم محمد شهبا?? شريف کي خط لکيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهبا?? شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي سندس ۽ نئين چونڊيل حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ح??يداري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ انتهائي اهم آهي، دنيا ۽ خطي کي درپيش وقت ج اهم ترين ??ئل??نجز کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. آمريڪي صدر چيو ته عوامي صحت جو تحفظ، معاشي ترقي ۽ سڀني جي لاءِ تعليم گڏيل ??يزن آهي جنهن کي گڏجي فروغ ڏيندا رهنداسين، آمريڪا پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري جي لاءِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته پائيدار زرعي ترقي، پاڻي انتظام ۽ 2022ع جي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بحالي ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکنداسين، پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي قومن جي وچ ۾ قائم مضبوط پارٽنرشپ کي سگهه ڏينداسين. آمريڪي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قائم ويجهو رشتو وڌيڪ مضبوط بڻائينداسيبن.