داسو – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ??يني شهرين جي هر ممڪن تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چيني دوست پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين، بشام واقعي جي پٺيان پاڪستان جي دشمنن جو هٿ آهي، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام واقعي جي ڏس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ??يني انجنيئرز ۽ ماهرن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جي اظهار ??اء?? داسو جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني، چيني سفير جيانگ زائيڊونگ، چيني ڪمپني جا ميمبر ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بشام واقعي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ ??يني انجنيئرز جي ياد ۾ 30 سيڪنڊ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي چيني انجنيئرن سان ملاقات پڻ ڪ??ي. ??قريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي ??اء?? اظهار ??اء?? داسو جو دورو ڪيو آهي. 26 مارچ تي بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيني انجنيئرز ۽ ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن ۾ 5 چيني انجنيئرز ۽ هڪ پاڪستاني فوت ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته بشام واقعو دهشتگردن جو بزدلاڻو فعل هو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي غيرمعمولي دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، اهو فعل پاڪستان جي دشمنن جو آهي. اسان جا دشمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن مستحڪم ۽ وسيع ٿيندڙ دوستي کي متاثر جي ??اء?? ڪو به موقعو هٿ مان وڃائڻ نه ٿا ڏين ته جيئن چين ۽ پاڪستان جهڙن آئرن برادرز جي دوستي ۾ رڪاوٽ وجهي سگهجي. هن چيو ته هو هتي موجود چيني شهرين جي چهرن تي پنهنجي ساٿين جي جدائي ڏک ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته هو يقين ڪرائي ٿو ته پاڪستان حڪومت هتي ڪم ڪندڙ ??يني شهرين ۽ انهن جي خاندانن جي سيڪيورٽي جي ??اء?? ڪا ڪسر نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ??يني هڪ خوشحال پاڪستان جي ??اء?? خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ان واقعي جي فوري پوءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ حڪومت ۽ عوام پاران چيني صدر ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي چيني ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ انهن کي اهڙي سزا ڏني ويندي جيڪا هڪ مثال هوندي ۽ ڪير به مستقبل ۾ اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. هن چيو ته ان واقعي جي جاچ جي ??اء?? جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي سفارشن تي اسان بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ان جي روح موجب ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي اجلاس پڻ طلب ڪيو جنهن ۾ ان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ صوبن سان بهتر رابطن ۽ اضافي گهربل سيڪيورٽي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??نهن ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ سيڪيورٽي انٽيلي جنس جي سربراهن کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ايندڙ ??جهه ڏينهن ۾ هڪ ٻيو اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيندو. داسو سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ??يني شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي جلد ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کي اونچي ۽ سمنڊن کان گهري ۽ دنيا ۾ مضبوط کان مضبوط تر آهي. اها دوستي انهي عزم سان اڳتي وڌندي ۽ ان دوستي، سي پيڪ ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي دشمنن کي شڪست ٿيندي. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ڳالهائيندي چيو ته حملي جي فوري پوءِ وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار ??اء?? چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي مصروفيتن جي باوجود چيني انجنيئرز سان يڪجهتي جي اظهار ??اء?? داسو جو دورو ڪيو آهي جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃون ٿا. چيني سفير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرا??ي. ??ميد آهي ته پاڪستاني حڪومت دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام ??اء?? وڌيڪ قدم کڻندي.