اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چ??ڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) اڱاري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو جڏهن ته زونل ۽ ضلعي چ??ڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق مرڪزي چ??ڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت ۽ اسپارڪو جو مددگار عملو ۽ آفيسر پڻ شرڪت ڪندا. چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان مرڪزي چ??ڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين سڄي ملڪ مان مليل شهادتن کي نظر ۾ رکندي حتمي اعلان ڪندو.