اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سع??دي سيڙپڪار وفد جو پاڪستان اچڻ سع??دي عرب ۽ پاڪستان جي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي ا??م اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ا??ئر سيال کي چين، ملا??يش??ا، سر??لنڪا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، برطانيا ۽ ڪويت ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها منظوري نيشنل ايوي ا??شن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سر??سز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا جي وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڊائريڪ??ور??ٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي ا??ساني حقن واري وزارت کان وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي حوالي سان ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيني سيڙپڪاري منصوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.