اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ من??وبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي من??وبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان من??وبابندي واري وزير جي سربراهي ?? ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ من??وبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ اهڙا من??وبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته سمورن وڏن قومي من??وبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئ??. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پروگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئ??. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ من??وبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. اجلاس ۾ من??وبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??.