تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران ??هتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ??لاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پارا?? تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ??طرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪي??. و??يراعظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتح??د ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهي??. و??يراعظم قومي سانحي جي هن گ??ڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.