اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دو??ان مرڪزي بينڪ مهانگائي جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪري 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو تي کڻي آئي. اقتصادي سروي مطابق حڪومت طرفان مربوط ڪوششن جي نتيج?? ۾ ??هانگائي جي شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي ۽ مئي دو??ان مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 11.8 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪ?? گذريل 30 مهينن دو??ان مهانگائي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح بلند ترين 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. حڪومت طرفان سخت مالياتي پاليسي مرڪزي بينڪ طرفان وياج جي شرح ۾ مسلسل اضافي ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. حڪومت مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي، رليف ۽ پاليسي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عالمي ترق?? ۾ ??مايان گهٽتائي ٿ??. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سيڪڙو رهي. عالمي سطح تي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي متوقع آه??. 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 6.8 سيڪڙو رهي جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سيڪڙو تي اچڻ جي اميد آهي. عالمي سطح تي جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توانائي جي قيمتن ۽ روزمره استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.