اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ??يز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال ميڊيم انٽر پرائيزز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏ?? جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ??يز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ??يز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيص??و ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار ش??وع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ??يز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين ج?? رقم سان سمال ميڊيم انٽر پرائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيص??و ڪيو ويو.