اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ??نص??با بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فنانسنگ ۾ نج?? شع??ي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو ??ون??و. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پاڪستان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ??ن ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. ناڻي واري وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو تنهن هوندي به پاڪستان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چيو ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر ??نص??با بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فنانسنگ ۾ نج?? شع??ي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو ??ون??و ۽ ان حوالي سان نج?? شع??ي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شع??ي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آهي، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا ??ون??ا.