اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فلسطين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احمد ج??اد عبدالعزي?? رابعي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ??اڻ?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظ?? ٻه رياستي حل جي ذريعي فلسطين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فلسطين جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. احمد ج??اد عبدالعزي?? رابعي پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. احمد ج??اد عبدالعزي?? رابعي فلسطيني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.