منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پارل??ام??ني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارل??ام??ني سفارتڪاري ٻ??هي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارل??ام??ني سفارتڪاري ٻ??هي ملڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پارل??ام??ني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بيلاروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلاروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارل??ام??ني وفد جو بيلاروس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارل??ام??ني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻ??هي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلاروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلاروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.