اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچست??ن مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي عورت صدر هئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، اسرار خان جي آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجڻ سان ٻين نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان ا??يد جو اظهار ڪيو ته اسرار خ??ن مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين س??ن ملڪ جو نالو روشن ڪندا.