اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪرم جي علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آه??، ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون آه??، کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم ان دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??راعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وز??راعظم حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪار کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم حملي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون آه??. هن چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي فرض شناسيءَ تي مون سميت پوري قوم کين خراج تحسين پيش ڪري ٿي.