اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پ??ڪس??ان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ـ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پڌرائيءَ مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته پ??ڪس??ان جاپن سان پنهنجن ڀائرن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جاپان مستحڪم معاشي ملڪ آهي ۽ پ??ڪس??ان جاپان سان مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، صحت، صنعت ۽ پيداوار ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آه??. ه?? 22ع جي ٻوڏ دوران جاپان حڪومت طرفان ڏنل امدا?? تي ٿورو مڃيو. پ??ڪس??ان ۽ جاپان و چ ۾ پارلياماني ۽ سفارتي لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارلياماني ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پ??ڪس??ان ۽ جاپان معاشي لاڳاپن ک?? هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي اداره جاتي مڪينزمز کي قائم ڪيو آهي. ان مڪينزمز تحت باقاعدگي سان رابطن ۽ ٻه طرفن لاڳاپان جو جائزو وٺڻ ۾ نظرثاني سان سيڙپڪاري، سياحت ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ک?? هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پ??ڪس??ان ۽ جاپان وچ ۾ صرف 1.27 بلين ڊالرن جو گڏيل واپار ٿيندو آهي ۽ ڪيتريون ئي پ??ڪس??اني ڪمپنيون جاپان جي هم منصبن سان گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون. سينيٽ چيئرمين چيو ته پ??ڪس??ان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جي آءِ سي اي) جي پ??ڪس??ان سان ترقياتي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. جاپان جون ڪمپنيون پ??ڪس??ان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين ملاقات ۾ افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو معاملو به اُٿاريو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پ??ڪس??ان هجرت ڪري آيل افغان پناهگيرن جي وطن واپسي به هڪ اهم مسئلو آهي، ان سلسلي ۾ جاپان به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ۽ عوامي سطح تي رابطن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين جاپان جي سفير کي ٻُڌايو ته سينيٽ ۾ پ??ڪس??ان جاپان دوستي گروپ قائم ٿي چڪو آهي جيڪو پارلياماني رابطن ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هي همٿائيندڙ ڳالهه آهي ته ٻئي ملڪ 2019ع ۾ ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرامن تي تعاون جا معاهدا ڪيا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته جاپان ۾ رهندڙ 25 هزار پ??ڪس??اني جاپان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جاپان ۾ اسان جي ڪميونٽي گاڏين، ڪالين جو واپار ۽ هلال خوراڪ جي روانگي واپار سان ڳنڍيل آهن.