اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليوا??ي ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني ج?? ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پي?? ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ?? بي پناهه مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري ج?? حق جي لاءِ سيد علي گيلاني ج?? پختو عزم بي مثال هو. ترجمان چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري ج?? حق جي جدوجهد جو سچو آواز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائين گهر ۾ نظربند رهڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر 2021ع تي لاڏاڻ?? ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي ج?? لاءِ سيد علي گيلاني ج?? سڄي زندگي ج?? جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس ياد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.