اسلام آباد – 11 سيٽمبر (اي پي پي )گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قاعد اعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ اعليٰ قيادت کي شاندار لفظن سان خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس سخت جدوجهد، بلند حوصلي ۽ ايمانداري قاعد اعظم جي شخصيت کي نمايا ڪري ٿي . قاعد اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قاعد اعظم جي جرئتمنداڻي قيادت بنا آزاد ملڪ جو خواب ڪڏهن پو??و نه ٿئي ها . قاعد اعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿو وساري سگهجي، اڄ اسان آزاد قوم جي حيثيت ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، اڄ قاعد اعظم جي ا??ولن تي عمل ڪرڻ جي جيتري ضر??رت آهي، شايد پهريان ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته قاعد جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي لساني، طبقاتي ۽ گروهي بنيادن تي فوقيت حاصل ناهي. قاعداعظم جي پاڪستان ۾ اقليتن سميت هر هڪ کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. بدقسمتي سان قاعد اعظم جي سونهري ا??ولن تي عمل نه ڪري ا??ان عالمي طور پو??تي ره??ي ويا آهيون. محسن نقوي چيو ته قاعد اعظم محمد علي جناح جي ا??ولن تي هلڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقي جو راز ٻڌل آهي . هن چيو ته قاعد اعظم جي عظيم مسلسل جدوجهد کي پاڪستاني قوم ڪڏهن نٿي وساري سگهي . اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته قاعد اعظم جي ا??ولن مطابق ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميواريون پو??يون ڪيون، اچو ته ان عزم جي تجديد ڪيون ته اسان اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سان اڳتي وڌنداسين.