اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي چونڊون ڪشميري عو??م جي خودمختياري جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙيون چونڊون ڪشميري عو??م جي لاءِ ناقابل قبول آهن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين تي مودي حڪومت کي جوابده بڻائي. صدر زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق جي لاءِ راءِ شماري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر 1989ع کان ??اڪ??تان ۾ رهندڙ پناهگيرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد جي قيادت عزيز غ??الي ڪري رهيو هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي مذمت ڪئي ۽ ان کي ڀارت جي وسيع تر حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو جنهن جو مقصد علائقي تي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اهڙي قسم جا قدم نه ته ڀارت جي قبضي کي قانوني حيثيت ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عو??م جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت، ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي اقليت ۾ بدلائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته ??اڪ??تان ڪشميري عو??م جي حقن جي لاءِ ڏنل قربانين جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن سان يڪجهتي جاري رکندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ??اڪ??تان ڪشميري عو??م کي انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪندو رهندو. وفد صدر کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پوري ڪشميري قيادت کي ڪشميري عو??م جو آواز دٻائڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو آهي. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پناهگيرن جي مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي غيرقانوني قدمن ۽ ظلمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان پناهگيرن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته آزاد ڪشمير حڪومت کي چيو ويندو ته اها پناهگيرن جي لاءِ گذاره الائونس ۾ اضافو ڪري ۽ ٻيا امدادي قدم فراهم ڪري. هن يقين ڏياريو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ??اڪ??تان 8 هزار پناهگير خاندانن کي سهولت فراهم ڪندو. وفد ڪشميري عو??م جي لاءِ ??اڪ??تان جي جاري اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت تي صدر جا ٿورا مڃيا. وفد ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار جي ڪردار ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو جنهن ??اڪ??تان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مختلف فورمز تي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عو??م جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪئي.