راولپنڊي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ??يڪ??ورٽي فورسز جي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 12 دهشتگرد ماريا ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ??يڪ??ورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپن جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ??يڪ??ورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ کين موثر انداز ۾ گهيري ستن ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ ??يڪ??ورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. ??يڪ??ورٽي فورسز مقابلو ڪندي 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي خت?? ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ??يڪ??ورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي ج?? لعنت کي خت?? ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.