بيجنگ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ واري و??ير عظيم ابراهيم ۽ مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي مع??هدي غور ويچار ڪيو ويو. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب چين ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن سائيڊ لائن اجلاس جو به بندوبست ڪيو. ملاقات دوران چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي مع??هدي تي غور ڪيو ويو. وفاقي و??ير آگاهه ڪيو ته پاڪستان جوائنٽ منسٽريل ڪميٽي ۽ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس لاءِ تيار آهي. عبدالعليم خان چيو ته تاجڪستان جي تازي دؤري جا مثبت اثر سامهون اچڻا آهن ۽ ڊائريڪٽ فلائيٽ جي شروعات ٿي وئي آهي. وفاقي و??ير چيو ته ايشيائي ملڪن سان ٻه طرفي ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان کان تاجڪستان لاءِ چين جي رستي اڻ سڌيءَ طرح واپاري راهداري غور هيٺ آهي. هن تجويز ڏني ته واپاري گاڏيون چين کان خنجراب، ڪاشغر، مرغاب کان تاجڪستان وڃي سگهن ٿيون. وفاقي و??ير تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ واري و??ير سان اين ايل سي جي ٽرالرن جي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته چين ۾ جاري گلوبل فورم شريڪ ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. تاجڪستان جي و??ير عظيم ابراهيم پاڪستاني عوام لاءِ خير خواهي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو. عظيم ابراهيم ڳالهائيندي ??يو ت?? گذريل مئي ۾ عبدالعليم خان جي سربراهيءَ ۾ جوائنٽ منسٽريل ڪميٽيءَ جو اجلاس سٺو ثابت ٿيو. تاجڪستان جي و??ير ۽ پاڪستان جي وفاقي و??ير وچ ۾ ٽريفڪ اينڊ ٽرانزٽ ايگريمينٽ تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن مستقبل ۾ گڏيل تعاون ۽ گڏيل سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ت?? اتفاق ڪيو. وفاقي و??ير ۽ عظيم ابراهيم هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گڏيل مع??هدن تي اڳڀرائي جاري رهندي، ٻنهي وزيرن وفدن سان خوشگوار اجلاس ۾ مختلف مع??هدن لاءِ ورڪنگ گروپس جوڙڻ ۽ ٻين تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.