اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات واري ??فا??ي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن ل??ءِ ڪيترائي پرُڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، سعودي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ ??ارٽنرشپ تحت منصوبن جي آڇ به ڪنداسين. ??فا??ي وزير عبدالعليم خان سعودي جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته سعودي سيڙپڪارن ل??ءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي پرڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، مواصلات جي شعبي ۾ ايم – 6 ۽ ايم – 9 موٽر وي جي منافعي بخش منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پڌرائي موجب ??فا??ي وزير سعودي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڪراچي بندرگاهه کي پهرين کان موجود موٽر وي سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر موٽر وي جي جلد کان جلد تڪميل اولين ترجيح آهي. مواصلات واري ??فا??ي وزير چيو ته نجڪاري ل??ءِ اهڙا سرڪاري کاتا پائپ لائين ۾ آهن جيڪي فوري منافعو ڏئي سگهن ٿا. سعودي عرب سان هر طرح جي حصيدار?? ۽ ??يڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ سرڪاري ادارن ۾ نمايان بهتر?? ۽ ??ڌارن جو عمل متعارف ڪرايو آهي. سعودي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ ??ارٽنرشپ تحت به منصوبا پيش ڪنداسين. مواصلات، نجڪار?? ۽ ??يڙپڪاري جا شعبا بهترين بزنس ماڊل وارا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي سعودي وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح ??فا??ي وزير عبدالعليم خان جي آڇ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي سعودي وفد، واپاري برادر?? ۽ ??رڪاري عملدارن طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان جي دل پاڪستاني عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي.هي اسان جو پنهنجو گهر آهي. پاڪستان جي ان دوري کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائينداسين. بريفنگ دوران مواصلات، نجڪار?? ۽ ??يڙپڪاري بورڊ جي ??فا??ي سيڪريٽرين به سعودي وفد کي اهم معاملن جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ان کانپوءِ منعقد اجلاس ۾ سعودي وفد سان گڏ جوائنٽ منسٽريل ڪانفرنس، جي ٽو جي سطح تي گڏيل سهڪار تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ??فا??ي وزيرن مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، ڄا?? ڪمال خان ۽ اويس لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، احمد چيمه، علي پرويز ملڪ ۽ شيخ قيصر کانسو??ءِ سينئر عملدار به موجود هئا.