اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اي??ز صادق سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان اي?? سي او جي هدفن ۽ م??صدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حماي?? جي عزم جي اظهار ??ي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿ?? ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو وي?? ته هي ايوان سمجهي ٿ?? ته اي?? سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. اي?? سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي علائقائي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي مسئلن تي اهم ڪردار ??ي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿ?? ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سلامتي جي مسئلن تي اي?? سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترجماني آهي. قرارداد ۾ چيو وي?? ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (اي?? سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ اهم ڪردار ??ي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو وي?? ته هي ايوان اي?? سي او ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي خوبصورتي سان سجائڻ، مهمانن جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وقار ??ي بلند ڪرڻ جي لاءِ سمورن حڪومتي ادارن جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان اي?? سي او سمٽ ۾ مهمانن جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو.