ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پار??ي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خي??رپ??تونخوا ۾ پوليو ٽيمن تي حملن جي مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان پيپلزپار??ي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپر اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملو کليل دهشتگردي آهي. هن چيو ته شهيد اهلڪار قوم جا هيرو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبر پختونخوا ح??ومت پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي ۽ مهم ??ي ڪاميابي کي يقيني بڻائي، پوليو فري پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ج?? خواب هو، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.