اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ نئين افق ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي دورن جي مسلسل مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران وزير??عظ?? جي قطر جي دوري جي حوالي سان جاري گڏيل پڌ??نا??ي موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان اميري ديوان، دوحه ۾ ملاقات ڪئي جتي قطر جي امير وزير??عظ?? ۽ ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو استقبال ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف شاندار استقبال ۽ فراخدلاڻي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا، ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون کي فروغ ڏين جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? مختلف شعبن ۾ پاڪستان کي قطر پاران فراهم ڪئي ??يندڙ مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزير??عظ?? پاڪستان ۾ اهم اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀا??ر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي جنهن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار تي خصوصي زور ڏنو ويو ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي. ٻنهي ڌرين سيڙپڪاري جي گذريل وچنن جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مختلف اهم موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. قطر جي امير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀا??راڻي لاڳاپن جي اهميت ۽ اقتصادي حصيداري، واپاري مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ٻنهي ڌرين جي خواهش جو اظهار ڪيو. قطر جي وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير عزت مآب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني پڻ پاڪستان جي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي ۾ تعاون جي لاءِ قطر جي ڪردار تي ٿورا مڃيا، قطر ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي هڪ وڏي انگ جي موجودگي کي ساراهيو جيڪا ٻنهي ملڪن کي ڳنڍڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. قطر جي وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ پاڪستان جي اهميت جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي تڪميل جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ قطري ڌر جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان جي وزير??عظ?? خطي ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قطر جي سفارتي ڪوششن ۽ انساني بنيادن تي قدمن کي ساراهيو، خاص طور تي فلسطين مسئلي جي حوالي سان ثالث جي طور تي قطر جي ڪردار ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل افهام تفهيم، تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا کي جاري رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. دوري دوران قطر جي امير ۽ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف قطر جي عجائب گهر جي اهتمام هيٺ نمائش ”منظر: پاڪستان ۾ آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر 1940ع کان هيستائين“ جو دورو ڪيو.