اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سينيئر صحافي الطاف حسن قريشي جي گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو ??ظهار ڪندي چيو ته مرحومه جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. پ??ئي??رن جي ڏک ۾ برابر جو ??ريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعالي مرحومه جي مغفرت، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پ??ئي??رن کي صبر عطا فرمائي.