لاهور-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار و??يراعظم محمد شهباز شريف بر??ان??ه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخص??تن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪ??ي. ??فد ۾ بر??ان??ه جون نامياريون ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بر??ان??ه وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??فد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيراعظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.