اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪش??يري اڳواڻ ??حم?? ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ ??حم?? ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ??حم?? ياسين ملڪ کي معيا??ي طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فو??ي طور تي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.