راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي سامونڊي فوج پاران عربي سمنڊ ۾ گڏيل فوجي مشقون منعقد ڪيون ويون. مشقن ۾ پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي جهاز ذوالفقار جڏهن ته ڪورين سامونڊي فوج جي جنگي جهاز وينگ جي ا??ن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب مشق دوران مختلف سامونڊي آپريشنز جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ پيشوراڻن رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. ٻئي جهاز ڪمبائنڊ ميري ٽائم فورسز تحت ڪمبائ??ڊ ٽاسڪ فورس (سي ٽي ا??ف-150) ۽ (سي ٽي ا??ف-151) تحت آپريٽ ڪري رهيا آهن. (سي ٽي ا??ف-150) ۽ (سي ٽي ا??ف-151) جو مقصد سمنڊ ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن جهڙين غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ آهي. سامونڊي مشقون علائقائي ا??ن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي عزم جو مظهر آهن. پاڪ بحريه خطي ۾ هر ط??ح جي روايتي ۽ غير روايتي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.